شارجه: پاڪستاني ڪرڪيٽ اسٽار بيٽر بابر اعظم آءِ ايل ٽي 20 ۾ پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڊيزرٽ وائپرز کي شارجھ ويريئرز خلاف 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل مقابلي دوران بابر اعظم صرف 51 بالن تي 86 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 13 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا.
شاندار ڪارڪردگي تي بابر اعظم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. سندس اننگز ۾ لڳايل 13 چوڪن آءِ ايل ٽي 20 جي تاريخ ۾ هڪ اننگز دوران سڀ کان وڌيڪ چوڪا هڻڻ جو نئون رڪارڊ پڻ قائم ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ عليشان شرفو وٽ هو، جنهن 2024ع ۾ هڪ اننگز دوران 11 چوڪا هنيا هئا.
بابر اعظم 31 بالن تي پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي، جڏهن ته هن جارڊن ڪلارڪ سان گڏجي ٽئين وڪيٽ لاءِ 82 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ڪئي.
مقابلي ۾ شارجھ ويريئرز جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 166 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ ڊيزرٽ وائپرز گهربل هدف 17.3 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
واضح رهي ته دفاعي چيمپيئن ڊيزرٽ وائپرز جي هلندڙ سيزن ۾ اها پهرين ڪاميابي آهي. ٽيم هاڻي 25 نومبر تي دبئي ڪيپيٽلز خلاف ميدان ۾ لهندي.



