اسلام آباد(ای پی آئی) جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ هوائي رابطن ۾ واڌ جو رستو هموار ٿيڻ لڳو آهي، جرمن ايئرلائن پاڪستان جي ٻن وڏن شهرن لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ورتي آهي، جڏهن ته هوائي آپريشنز جي حوالي سان هڪ اهم ريگيوليٽري مرحلو پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي.
ايئرلائن انتظاميا موجب پاڪستان ۾ اڏامون شروع ڪرڻ لاءِ جرمن ڪمپني جي نامزدگي جي منظوري ڏني وئي آهي. ان اڳڀرائي کانپوءِ باقاعده هوائي آپريشنز شروع ڪرڻ لاءِ ٻين ضروري آپريشنل منظوريَن جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.
نئين پرڏيهي ايئرلائن جي پاڪستان آمد سان ملڪ جي هوائي مارڪيٽ ۾ مقابلي ۾ واڌ ۽ مسافرن کي سفر لاءِ وڌيڪ سهولتون ۽ موقعا ملڻ جي اميد آهي. ان قدم سان پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ سڌي هوائي رابطن ۾ بهتري جا امڪان پڻ پيدا ٿيندا.
ايئرلائن جي آمد سان ملڪ جي هوابازي واري شعبي ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي پڻ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.



