نيويارڪ: آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ’چيني جاسوس‘ جو روپ اختيار ڪرڻ واري هڪ منفرد مقابلي سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، جنهن جون وڊيوز تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب 21 نومبر تي نيويارڪ جي واشنگٽن اسڪوائر پارڪ ۾ ’چائنيز اسپاءِ لُڪ الائيڪ ڪانٽيسٽ‘ جي نالي سان هڪ دلچسپ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 10 عورتن حصو ورتو.

مقابلي ۾ شريڪ عورتن جاسوسن جهڙا لباس پهري خفيه معلومات چورائڻ جي فرضي اداڪاري ڪئي، جڏهن ته هڪ شخص مشهور ٽيڪنالاجي شخصيت جينسن هوانگ جو روپ اختيار ڪري تقريب کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو.

مقابلي جي فاتح لاءِ 50 ڊالرن جو نقد انعام رکيو ويو هو، جڏهن ته تماشائين ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري پنهنجي پسنديده اميدوار کي ووٽ ڏنا.

ان منفرد مقابلي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ صارفين ۾ دلچسپي ۽ بحث جو موضوع بڻجي ويون آهن.