اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي روس جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 15 کان 16 معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي، جن جو مقصد پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي نئين وسعت ڏيڻ آهي.
خانگي ٽي وي چينل موجب روس ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم جي دوري کي انتهائي اهم ۽ تاريخي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته دوري ذريعي ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
پاڪستاني سفير موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ترجيحن ۾ سياسي رابطن سان گڏ واپار، عوامي سطح تي رابطن، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ شامل آهي. امڪاني معاهدن ۾ انهن سمورن شعبن سان لاڳاپيل مختلف معاملن کي شامل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 30 نومبر کان روس جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. دوري جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ توانائي سميت سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار بابت معاهدن کي اڳتي وڌائڻ آهي.
دوري دوران واپار، توانائي، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت اهم اڳڀرائي ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.




