تهران: ايران چيو آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ قطر جون ثالثي ڪوششون جاري آهن، پر تهران موجب آمريڪا ڳالهين جي معاملي ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪري رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر خطي جي صورتحال تي ڳڻتيءَ سبب جنگ ختم ڪرائڻ ۽ تڪرار ۾ شامل ڌرين وچ ۾ رابطا بحال ڪرائڻ لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکيو پيا اچن.
هن آمريڪا تي الزام لڳائيندي چيو ته واشنگٽن ٻئي ڌر جي حقن کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سفارتڪاري تڏهن ئي اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڳالهين دوران ٻنهي ڌرين جي موقف کي منصفاڻي انداز ۾ ٻڌو ۽ سمجهيو وڃي.
اسماعيل بقائي خاص طور پاڪستان جي ثالثي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر ٻئي خطي جي صورتحال بابت فڪرمند آهن ۽ تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ايراني ترجمان جي بيان موجب ٻنهي ملڪن جون سفارتي ڪوششون جنگ جي خاتمي ۽ ڌرين وچ ۾ ڳالهين لاءِ رابطا قائم رکڻ تي مرڪوز آهن.




