تهران: ايران آمريڪا سان ڳالهيون شروع ڪرڻ کان انڪار ڪندي واضح ڪيو آهي ته تهران طرفان پيش ڪيل ست شرطون پوريون ٿيڻ تائين واشنگٽن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف ڳالهينڪار محمد باقر قالیباف خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا طرفان ڪنهن به جارحاڻي قدم جي نتيجي ۾ جنگ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي سگهي ٿو.
ايراني پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل خبرون ڏيندڙ اداري فارس نيوز موجب، قالیباف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، جڏهن ته آمريڪا جون تازيون ڌمڪيون ان جي مايوسيءَ جو اظهار آهن.
هن خبردار ڪيو ته ايران ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن واشنگٽن ڪا غلط اندازي ڪئي ته تڪرار جا اثر جاگرافيائي طور وڌيڪ علائقن تائين پکڙجي سگهن ٿا.
قالیباف جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ جي تازن بيانن جي ردعمل ۾ سامهون آيو آهي. اسڪاٽ بيسنٽ چيو هو ته آمريڪا ايران جي غيرقانوني مالي نيٽ ورڪن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري رکندو.
ٻئي طرف آمريڪي ناڻي واري وزارت سومر ڏينهن ايران سان لاڳاپيل ٻن درجن کان وڌيڪ ايڪسچينج هائوسز، فرنٽ ڪمپنين ۽ اهم عهديدارن تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
رپورٽ موجب ايران جون ست شرطون هي آهن:
ايراني بندرگاهن تان آمريڪي بحري ناڪابندي ختم ڪئي وڃي.
ايران تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪئي وڃي.
منجمد ڪيل ايراني اثاثا بحال ڪيا وڃن.
سمورن محاذن تي جنگبندي ڪئي وڃي.
جنگ جي باضابطا خاتمي جو اعلان ڪيو وڃي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايل شرطن جي مڪمل فهرست جا باقي تفصيل واضح نه ڪيا ويا آهن.
ايران جو موقف آهي ته انهن شرطن تي عمل ٿيڻ کانسواءِ آمريڪا سان ڳالهين جي شروعات ممڪن ناهي.




