اسلام آباد: پاڪستان جي فيلڊ مارشل ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير کي ملائيشيا جي نيشنل ڊفينس اسٽڊيز سينٽر جي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي فيلڊ مارشل عاصم منير کي اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملائيشيا جي هال آف فيم ۾ سندس شموليت پاڪستان ۽ ملائيشيا جي پراڻي دوستي ۽ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته معرڪه حق دوران فيلڊ مارشل عاصم منير جي فيصلائتي قيادت ساراهه جوڳي آهي، جڏهن ته هن قومي دفاع ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

شهباز شريف چيو ته اهو اعزاز پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بهادر جوانن ۽ عوام جي قربانين جو پڻ اعتراف آهي. فوج جي بهادري ۽ عوام جي اڻٽر حمايت پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي.

هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي.

ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف پڻ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ملائيشيا جي نيشنل ڊفينس اسٽڊيز سينٽر جي هال آف فيم ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ افواج پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پڻ فيلڊ مارشل کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سيد عاصم منير کي ملائيشيا جي هال آف فيم ۾ 21هين ميمبر طور شامل ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي فوجي قيادت جو اعتراف ملڪ جي وقار ۽ هٿياربند فوجن جي پيشوراڻي صلاحيتن جو مظهر آهي.