اسلام آباد: وفاقي سرڪاري نوڪرين ۽ اعليٰ انتظامي عهدن تي سنڌ جي صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سينيٽ جي ڊيوليوشن بابت قائم ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪنوينر بيرسٽر ضمير حسين گھمرو جي صدارت هيٺ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ وفاقي ملازمتن اندر صوبن جي نمائندگي جا تفصيل سامهون اچي ويا.

رپورٽ موجب وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ 18 کان 22 تائين ڪل 1951 عهدن مان پنجاب جا 1174 آفيسر مقرر ٿيل آهن، جيڪي مجموعي تعداد جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، جڏهن ته سنڌ جا رڳو 283 آفيسر آهن، جن جي نمائندگي 14.51 سيڪڙو آهي.

رپورٽ ۾ گريڊ 22 جي وفاقي سيڪريٽرين بابت ڄاڻايل انگ اکر پڻ سنڌ جي گهٽ نمائندگي کي ظاهر ڪن ٿا. ڪل 53 وفاقي سيڪريٽرين مان 35 جو تعلق پنجاب، 6 جو سنڌ، 10 جو خيبرپختونخوا، هڪ جو بلوچستان ۽ هڪ جو گلگت بلتستان سان آهي.

انگن اکرن موجب وفاقي سيڪريٽري سطح تي سنڌ جا رڳو 6 آفيسر اهم عهدن تي مقرر آهن، جڏهن ته پنجاب جا 35 آفيسر انهن عهدن تي موجود آهن. ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ وفاقي ملازمتن ۾ صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ سنڌ جي آئيني حصي بابت اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن.