رڳو 6 جو تعلق سنڌ سان هجڻ جو انڪشاف
اسلام آباد: سينيٽ جي ڊيوليوشن بابت قائم ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي سرڪاري نوڪرين ۽ اعليٰ عهدن تي سنڌ جي صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد نه ٿيڻ جا اهم انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ڪنوينر بيرسٽر ضمير حسين گھمرو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران پيش ڪيل رپورٽ وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي گهٽ نمائندگي واري صورتحال کي وائکو ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ 18 کان 22 تائين ڪل 1951 عهدن مان پنجاب جا 1174 آفيسر مقرر ٿيل آهن، جيڪي مجموعي تعداد جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، جڏهن ته سنڌ جا رڳو 283 آفيسر آهن، جيڪي مجموعي نمائندگي جو 14.51 سيڪڙو ٿين ٿا.
رپورٽ ۾ گريڊ 22 جي اعليٰ عهدن تي سنڌ جي نمائندگي انتهائي گهٽ هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. انگن اکرن موجب وفاقي سيڪريٽرين جي ڪل 53 عهدن مان 35 تي پنجاب جا آفيسر مقرر آهن، جڏهن ته سنڌ جا رڳو 6 آفيسر وفاقي سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح خيبرپختونخوا جا 10، بلوچستان جو هڪ ۽ گلگت بلتستان جو هڪ آفيسر گريڊ 22 جي عهدن تي مقرر آهي.
ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن سنڌ جي وفاقي نوڪرين ۽ اعليٰ انتظامي عهدن ۾ آئيني ڪوٽا تي عملدرآمد بابت سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي جائز نمائندگي بحال ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.




