واسلام آباد: سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ فارمولا پائوڊر جي اشتهارن ۽ تشهير تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ پيمرا کي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي چيئرمين سينيٽر عامر ولي الدين چشتي واضح ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به ٽي وي چينل تي ماءُ جي کير جي متبادل طور استعمال ٿيندڙ فارمولا پائوڊر جو اشتهار نشر نه ٿيڻ گهرجي.سينيٽر عامر ولي الدين چشتي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پيمرا چيئرپرسن عنبرين جان، وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال، سينيٽر انوشه رحمان، آغا شاهزيب دراني، مسرور احسن ۽ دلاور خان سميت لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس دوران پيمرا چيئرپرسن عنبرين جان ٻڌايو ته ڊي جي هيلٿ کين هدايت ڪئي هئي ته فارمولا ملڪ کي فارمولا پائوڊر لکيو وڃي، جڏهن ته وزارت صحت طرفان پيمرا کي باضابطه طور آگاهه ڪرڻو هو ته جيئن ان تي عملدرآمد ڪرائي سگهجي. هن چيو ته ٽي وي چينلن کي فارمولا ملڪ بدران فارمولا پائوڊر جو لفظ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويندي ۽ پبلڪ سروس پيغام پڻ وزارت صحت طرفان فراهم ڪرڻو هو.ان تي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزارت صحت کي ان ڳالهه جو اندازو نه هو، پيمرا اختيارين کي به پاڻ معاملي جي درستگي ڪرڻ گهرجي ها.ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪميٽي پاران معاملو اٿارڻ کانپوءِ هاڻي ان ۾ تيزي آئي آهي. هن چيو ته کين خبر آهي ته پيمرا ۽ ڊريپ تي ڪهڙي قسم جو دٻاءُ آهي ۽ ڪهڙا عنصر هن معاملي ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن.اجلاس ۾ متبادل دوائن جي اختيارن بابت پڻ بحث ٿيو. پيمرا چيئرپرسن ٻڌايو ته ڊريپ موجب متبادل دوائن جو معاملو هاڻي وزارت خوراڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان تي سينيٽر عامر ولي الدين چشتي چيو ته اڳ ۾ اهو معاملو ڊريپ وٽ هو، پر 16 نومبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري اختيار وزارت خوراڪ حوالي ڪرڻ ڪميٽي جي فيصلي جي توهين آهي.سينيٽر مسرور احسن صحت واري وزير جي ڪردار تي سوال اٿاريندي چيو ته وزير هن معاملي تي مفلوج نظر اچي رهيو آهي ۽ وزارت صحت کي اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر دلاور خان چيو ته هر وزير ماهر نه هوندو آهي، پر سرڪاري آفيسرن کي صورتحال جي مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته صحت انتهائي حساس معاملو آهي ۽ ڪميٽي جا سمورا ميمبر چيئرمين سان گڏ آهن.ڪميٽي چيئرمين واضح ڪيو ته ماءُ جي کير جو ڪو به متبادل ناهي ۽ قانون تحت فارمولا پائوڊر جي تشهير تي پابندي لاڳو ٿيڻ گهرجي. هن لاڳاپيل اختيارين کي قانون جي روشنيءَ ۾ اشتهارن کي روڪڻ جي هدايت ڪئي.سينيٽر انوشه رحمان پيمرا چيئرپرسن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پيمرا اختيارين کي ڪميٽي آڏو بهانا بازي نه ڪرڻ گهرجي.صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزارت صحت ڪو به راند نه کيڏي رهي آهي، ماءُ جي کير جو ڪو به متبادل ناهي ۽ هاڻي ان حوالي سان قانون پڻ سامهون رکيو ويو آهي. هن چيو ته وزارت ڪميٽي جي هدايتن جو احترام ڪري ٿي ۽ ڪميٽي جي هدايت تي اشتهار تيار ڪرائي پيش ڪيو ويو آهي. ڪميٽي يا ان جي ميمبرن جي ڳالهه کي ڪڏهن به رد ناهي ڪيو ويو.اجلاس دوران فارمولا پائوڊر جي ٽيسٽنگ جو معاملو پڻ اٿاريو ويو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته فارمولا پائوڊر جا ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت اڳ ئي ڏني وئي هئي، پر ان تي عمل نه ٿيو. هن چيو ته اڳوڻو سي اي او به معاملي کان پاسو ڪندو رهيو ۽ موجوده سي اي او به جواب ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي.صحت واري وزير چيو ته ڊاڪٽر عبيد پڻ هن معاملي تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته مٿس به دٻاءُ آهي ته معاملي تي ڳالهه نه ڪئي وڃي.سينيٽر آغا شاهزيب دراني چيو ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل ايڪٽ ۾ وفاقي ڪابينا يا وفاقي حڪومت تبديلي نٿي ڪري سگهي. ڪميٽي چيئرمين پڻ واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت يا ڪابينا جو نوٽيفڪيشن پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون جو متبادل نٿو ٿي سگهي.اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ڪميٽي پيمرا کي هدايت ڪئي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل قانون تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ فارمولا پائوڊر جا اشتهار بند ڪيا وڃن. چيئرمين سينيٽر عامر ولي الدين چشتي خبردار ڪيو ته مستقبل ۾ ڪنهن به ٽي وي چينل تي فارمولا پائوڊر جو اشتهار نشر نه ٿيڻ گهرجي.ڪميٽي اجلاس ۾ ماءُ جي کير جي اهميت، فارمولا پائوڊر جي تشهير، پيمرا ۽ ڊريپ جي ذميوارين ۽ پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون تي عملدرآمد بابت لاڳاپيل اختيارين کان جواب طلب ڪيا ويا.