هالي ووڊ: مارول اسٽوڊيوز پنهنجي نئين فلم ’ايونجرز: ڊومز ڊي‘ جو فائنل ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ فلم جي مداحن ۾ جوش ۽ اتساهه وڌي ويو آهي.
مارول سينيماٽڪ يونيورس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايونجرز، ايڪس مين ۽ فينٽاسٽڪ فور جون ٽيمون هڪ ئي فلم ۾ گڏ نظر اينديون.
فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته مشهور اداڪار رابرٽ ڊائوني جونيئر هن ڀيري آئرن مين بدران طاقتور ولن ’ڊاڪٽر ڊوم‘ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو.
فلم جي ڪهاڻي ٽن مختلف دنيائن جي چوڌاري گهمي ٿي، جن کي تباهي کان بچائڻ لاءِ سپر هيروز پنهنجا اختلاف وساري هڪ گڏيل دشمن خلاف متحد ٿيندا.
فلم ۾ هڪ ٻيو اهم موڙ اداڪار ڪرس ايوانس جي اسٽيو راجرز جي ڪردار ۾ واپسي آهي، جنهن جو سفر 2019ع ۾ رليز ٿيل فلم ’ايونجرز: اينڊ گيم‘ ۾ بظاهر ختم ٿي ويو هو.
جو ۽ اينٿوني روسو جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ’ايونجرز: ڊومز ڊي‘ 18 ڊسمبر 2026ع تي سڄي دنيا جي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.




