وفاقي وزارتن کي ٻن هفتن جي مهلت
اسلام آباد: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ ڊيولوشن جي سب ڪميٽي سنڌ سميت سمورن صوبن کي آئيني حقن موجب وسيلن ۽ وفاقي ملازمتن ۾ حصو ڏيڻ لاءِ وفاقي وزارتن کي ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ڪميٽي انڪشاف ڪيو آهي ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ گذريل 16 سالن دوران صوبن کي سندن آئيني حقن موجب مڪمل حصو نه ملي سگهيو آهي.
سينيٽر بيرسٽر ضمير حسين گھمري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته تيل ۽ گئس جي چئن ڪمپنين 18هين آئيني ترميم کانپوءِ 3.6 کرب رپين جو منافعو ڪمايو، پر آئين جي آرٽيڪل 172(3) تحت صوبن کي گڏيل ۽ برابر حصو ادا نه ڪيو ويو. اجلاس ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ٻين ڪمپنين جو حساب شامل ڪرڻ سان اها رقم 6 کرب رپين کان به وڌي سگهي ٿي.
ڪميٽي پيٽروليم وزارت کي هدايت ڪئي ته تيل ۽ گئس ڪمپنين جي منافعي مان صوبن کي آئيني حصو ڏيڻ لاءِ جامع طريقيڪار تيار ڪري وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيو وڃي. ڪميٽي خبردار ڪيو ته حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو آڊيٽر جنرل پاڪستان حوالي ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي گهٽ نمائندگي جو معاملو پڻ اٿاريو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي انگن اکرن موجب وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ بي پي ايس 18 کان 22 تائين جي اعليٰ عهدن تي پنجاب جي نمائندگي 60.17 سيڪڙو آهي. سينيٽر ضمير گھمري سنڌ ۽ بلوچستان جي گهٽ نمائندگي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي فوري طور سڌارا آڻڻ جو مطالبو ڪيو.
ڪميٽي سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي واري الڳ ڪوٽا ختم ڪري ٻين صوبن وانگر سڄي سنڌ لاءِ گڏيل ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي ٻن هفتن اندر سنڌ جي نمائندگي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن وارو منصوبو پيش ڪرڻ ۽ خالي جاين تي ڀرتين جو عمل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ملازمن جي صوبائي نمائندگي جا انگ اکر پڻ اجلاس ۾ پيش ڪيا ويا، جن موجب پنجاب جي نمائندگي 50.6 سيڪڙو، سنڌ ٻهراڙي جي 12.8 سيڪڙو، سنڌ شهري جي 3.5 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي 5.6 سيڪڙو آهي. ڪميٽي سنڌ جي نمائندگي ۾ موجود کوٽ ختم ڪرڻ ۽ خالي جايون باقاعده اشتهار ذريعي ڀرڻ جي هدايت ڪئي.
سينيٽر ضمير حسين گھمري چيو ته وفاقي وزارتن، کاتن ۽ وفاق جي ڪنٽرول هيٺ ڪارپوريشنن ۾ صوبن جو آئيني حصو هر صورت ۾ برقرار رکڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (SOE) ايڪٽ تحت قائم ڪمپنين ۾ به صوبن جي حصي تي عملدرآمد لازمي آهي ۽ آئيني شقن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
ڪميٽي وفاقي ناڻي ۽ واپار واري وزارتن کي پڻ ٻن هفتن اندر صوبن جي نمائندگي ۾ موجود کوٽ ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته صوبن جي آئيني حقن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ سينيٽر جان محمد بليدي ۽ پونجو ڀيل پڻ شرڪت ڪئي.




